رتنا گوديا رولاڪ

رتنا گوديا رولاڪ

رتنا گوديا رولاڪ

رتنا گوديا ’رولاڪ‘: رتناگوديا ’رولاڪ‘ سنڌي زبان جي نامياري ڪهاڻيڪارِ، شاعر ۽ ناول نگار خاتون آهي. هن جو جنم 28 فبروري 1939ع ۾ سکر ۾ ٿيو. سندس ماءُ ڪملا سوڀراج ڀاوناڻي ڊاڪٽرياڻي هئي.
رتنا جي شادي ڪنعيالال گوديا سان ٿي، ان ڪري ادبي دنيا ۾ هن رتنا گوديا ’رولاڪ‘ جي نالي سان لکڻ جي شروعات ڪئي. رتنا هڪ محنتي ۽ باهمت عورت آهي. هن جا مائٽ ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي ڪلياڻ ڪئمپ، الهاس نگر ويٺا، بعد ۾ بمبئيءَ ۾ رهيا. رتنا هڪ محنتي عورت طور سلائيءَ جو ڪم شروع ڪيو، جنهن بعد ٺيڪا کنيائين، اسٽيٽ ايجنسي به هلايائين ۽ دنيا جي ڪيترن ملڪن جو سير سفر ڪيائين. سندس ومان نگر، ڪلوور سينٽر، موليڏنا روڊ، پوني ۾ مستقل گهر آهي، جڏهن ته وڏالا، ممبئيءَ ۾ به سندس گهر آهي. کيس ٽن ڌيئرن ۽ هڪ پٽ جو اولاد آهي، جيڪي آمريڪا ۾ مستقل طور رهن ٿا.
رتنا گوديا ’رولاڪ‘ بامقصد ڪهاڻيون، شاعري، مضمون ۽ ناول لکيا آهن. هڪ فلم ’پارو شاهه پيارو، وسڻ شاهه دُلارو‘ به ٺاهيائين، جنهن ۾ پاڻ به هڪ ننڍو ڪردار ادا ڪيائين، جڏهن ته سندس وچين ڌيءُ منيشا گوديا، هن فلم ۾ هيروئن جو ڪردار ادا ڪيو هو. هوءَ سنڌي ادبي سڀا، پوني جي نائب صدر به رهي آهي.
رتنا گوديا ’رولاڪ‘ جي ڪهاڻين ۾ نازڪ پيار جي رشتي جو درد ۽ سوز ڀريل آهي. هن جيڪي ڏٺو ۽ سَٺو آهي، ان کي سرل، سليس ۽ روانيءَ واري ٻوليءَ ۾ لکيو آهي. سندس ڪهاڻين ۾ سنڌ، سنڌي جيوت ۽ سنڌي سوچ جي مهڪ آهي، جن ۾ ڪهاڻين جون ڪردار عورتون دُک ڀوڳين ٿيون، اظهار ڪن ٿيون ۽ حالتن سان ٺاهه ڪن ٿيون. رتنا گوديا ’رولاڪ‘ جو ناول ’سون ورني ڪنوار‘ عورت ڪردارن تي آڌارت آهي، جنهن ۾ زمان ۽ مڪان جو خيال رکيو ويو آهي، جتي سنڌ جي الڳ الڳ شهرن ۽ ماڳن جهڙوڪ: حيدرآباد، سکر، ڪراچي، منهوڙي ۽ ڦليليءَ جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اتي لنڊن، جرمني، نيپال، ڪلڪتي جو بيان ڪري، ليکڪا پنهنجي زندگيءَ جي تجربن کي افسانوي روپ ڏنو آهي. هي هڪ بامقصد ناول آهي.
رتنا گوديا ’رولاڪ‘ کي NCPSL دهليءَ پاران اوارڊ به ملي چڪو آهي. سندس ناول ’محبت جي منزل‘ جو هندي، مراٺي ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. رتنا گوديا جي ڇپيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي:
(1) محبت جي منزل (ناول)، (2) پٿرن ٿي رُنو (ڪهاڻيون: 1999ع)، (3) ڏوهه ڪنهن جو؟ (ڪهاڻيون: 2002ع)، (4) هڪ رات جو راهي (ڪهاڻيون: 2002ع)، (5) سون ورني ڪنوار (ناول: 2002ع)، (6) سنجها جي سواري (ڪهاڻيون ۽ ڪوتائون)، (7) قلم منهنجي جون قاتل اکڙيون (ڪوتائون)، (8) سمنڊ سمايو بوند ۾ (فلسفياڻا مضمون)، (9) سچ جو ڪچرو (ڪهاڻيون)، (10) مان ئي مان (آتم ڪٿا) ۽ (11) آڪروش (هندي ڪهاڻيون).
رتنا گوديا ’رولاڪ‘ هن وقت سخت بيمار آهي ۽ پنهنجين نياڻين وٽ آمريڪا ۾ رهي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1939.02.28  عيسوي

رتناگوديا ’رولاڪ‘ سنڌي زبان جي نامياري ڪهاڻيڪارِ، شاعر ۽ ناول نگار خاتون آهي. هن جو جنم 28 فبروري 1939ع ۾ سکر ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جئرام جوڳي
آفتاب سومرو
پيرزادو مير محمد
جعفر علي ارغون
شڪيل
پير نعمت الله قريشي
حسين حقاني
ڏَيو ڏنارام
خانبهادر محمد پريل ڪلهوڙو
جان نثار خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون